اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو: مشھور اداڪار اعجاز ٻرڙو، 19 آگسٽ 1960ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سندس خاندان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪرڻ دؤران هن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات پي. ٽي. وي تي ڪيترن ئي اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري سان ڪئي. سندس ڊرامن ۾: ’ناٽڪ رنگ‘، ’بدلتي موسم‘، ’درارين‘، ’ڪشمڪش‘، ’وٽا سٽا‘، ’شوق جي قيمت‘، ’چنڊ جي تپش‘، ’رشتن جي ڪھاڻي‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي وائيس چيئرمين به رهيو. 17 جون 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.19  عيسوي

مشھور اداڪار اعجاز ٻرڙو، 19 آگسٽ 1960ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.


2023.06.17  عيسوي

اعجاز ٻرڙي 17 جون 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ملا جلال ٺٽوي
جوهي چاولا
تلڪ بال گنگاڌر
فيروز شاهه تغلق
آصف رزاق مھر
ٻڍو بالادي
الاهي بخش ٻانڀڻ2
قاضي عبدالشڪور صديقي ڊاڪٽر
پير ڪرهيو ڀانڊاري
خورشيد قائمخاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون